حميد علي خان استاد

حميد علي خان، استاد: ناليوارو راڳي استاد حميد علي خان 1945ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. هيءُ سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جو ڀاڻيجو هو. استاد حميد علي خان گهڻو ڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ خانصاحب استاد فتح علي سان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ ڳائيندو هو. ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ڪري کيس 1991ع ۾ حڪومت پاران پرائيڊ آف پرفارمنس - اعزاز حسن ڪارڪردگيءَ جو اوارڊ مليو. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي ٻارن جي پروگرامن ’روشن تارا‘، ’پرک‘، ’سُر جو سفر‘، ۽ ’سنڌ سينگار‘ لاءِ ڪيترائي گيت ڳايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو